ٽنڊوڄام لڳ ڳوٺ سائينداد ڪليري جي رهواسڻ جو پوليس خلاف احتجاج، انصاف جي گهر

news

ٽنڊوڄام: ڳوٺ سائينداد ڪليري جي رهواسڻ جو پوليس خلاف احتجاج، پوليس تي پٽ کي گرفتار ڪرڻ ۽ معصوم پوٽي کي مبينا گم ڪرڻ جو الزام. انصاف جي گهر.

خبر موجب ڳوٺ سائينداد ڪليري جي رهواسڻ مسمات آمنه پنهور ٽنڊوڄام پوليس پاران سندس پٽ گل پنهور کي گرفتار ڪرڻ ۽ مبينا سندس 7 سالن جي پوٽي رحمان پنهور کي گم ڪرڻ خلاف پريس ڪلب تي پهچي احتجاج ڪيو.

انهي موقعي تي هن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته منهنجو پٽ گل پنهور صبح سوير گهران کير وڪڻڻ لاءِ شھر ڏانهن آيو هو ۽ منهنجو پوٽو رحمان به ساڻس گڏ هو. جنهن کي ٽنڊوڄام پوليس گرفتار ڪري ورتو آھي. هن چيو ته آئون ٿاڻي تي به وئي هئس پر منهنجي ڪنهن به نه ٻڌي.

هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته منهنجي پٽ ۽ معصوم پوٽي کي آزاد ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته برادري جي ڪجهه بااثر ماڻهن جي چرچ تي پوليس اڳ به منهنجي وڏي پٽ عنايت پنهور کي گرفتار ڪري منشيات جو ڪيس ۾ جيل موڪلي ڇڏيو آھي. ۽ پوليس منهنجي ٻين پٽن جو جيئڻ جنجال  ڪري ڇڏيو آھي.