ڪير چاهي ڪيترو ئي طاقتور ڇو نه هجي، ڏوهه جي معافي نه ملندي: وزيراعظم عمران خان

news

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان اعلان ڪيو آهي ته ڪير چاهي ڪيترو ئي طاقتور ڇو نه هجي، ڏوهه جي معافي نه ملندي، قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو.

رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان شوگر ڪميشن جي سربراهه واجد ضياءَ کي شاباش ڏيندي چيو ته توهان جاچ دوران بهترين ڪم ڪيو. وزيراعظم ۽ ڪابينا ميمبرن چيو ته پوري جاچ رپورٽ ۾ ڪوبه ابهام ناهي.

وزيراعظم هڪ دفعو وري پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪندي اعلان ڪيو ته مافيا خلاف جنگ جاري رکنداسين. ان مافياز جي خلاف ڊگهي جدوجهد آهي، ان تان ڪنهن به صورت ۾ موقف کان پوئتي نه هٽندس.

ذريعن موجب وزيراعظم چيو ته حڪومت ۾ اچي خبر پئي ته ملڪ کي مافياز جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، جنهن طرف ڏسو مافيا سرگرم آهي.

هن جو چوڻ هو ته ڪير چاهي ڪيترو طاقتور ڇو نه هجي، ان کي ڏوهه جي معافي نه ملندي. ملڪ کي بري طريقي سان لٽيو ويو آهي پر هاڻ قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو.

عمران خان چيو ته مون کي خوشي آهي ته پوري ڪابينا ڪرپشن خلاف جنگ ۾ مون سان گڏ آهي، آئون اهو ئي ڪم ڪري رهيو آهيان جيڪو عوام جي لاءِ بهتر آهي.