پاڪستان ۾ ڪورونا جا ڪيس پنجاهه هزار کان وڌي ويا، فوتگيون هڪ هزار ستهٺ

news

اسلام آباد: ڪورونا وبا جنهن سموري دنيا ۾ لکين ماڻهن کي متاثر ۽ اجل جو شڪار بڻايو آهي اهو پاڪستان ۾ به پنهنجا چنبا کوڙي رهيو آهي ۽ هن وقت تائين 50 هزار 694 ماڻهو متاثر ٿيا آهن جڏهن ته 1067 موت جو شڪار ٿيا آهن.

ملڪ ۾ 26 فيبروري تي ڪورونا وائرس جو پهريون ڪيس سامهون آيو هو ۽ هن وقت تائين تقريبن ٽن مهينن جو وقت گذري ويو آهي.

ابتدائي طور تي يعني فيبروري جي آخري ڏينهن ۽ مارچ جي مهيني ۾ پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جي تعداد ۾ گهٽتائي هئي ۽ هي هڪ مهيني جي عرصي ۾ 2000 جي ويجهو هئا جڏهن ته فوتگيون 26 تائين هيون.

ان کانپوءِ اپريل جي ميهيني ۾ وائرس جا ڪيس آهستي آهستي وڌڻ شروع ٿيا ۽ 30 اپريل تائين ملڪ ۾ ڪيس ٻه هزار کان وڌي 16 هزار تائين پهتا جڏهن ته فوتگيون 385 ٿيون.

پر هلندڙ مئي مهينو وائرس جي حساب سان خطرناڪ رهيو آهي، گذريل 21 ڏينهن ۾ پاڪستان اندر 32 هزار کان وڌيڪ ڪيس ٿيا جڏهن ته فوتگيون 667 ٿيون جيڪو هڪ ڳڻتيءَ جوڳو انگ آهي.

اهوئي نه پر عملدارن طرفان اهو به خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ لاڪ ڊائون جي نرمي ڪرڻ کانپوءِ روزاني ڪيسن ۾ 15 کان 20 سيڪڙو جو قاضافو ٿي سگهي ٿو.