سامونڊي طوفان امفان جي ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ تباهي، چوراسي ماڻهو اجول جو شڪار

news

نئين دهلي: خليج بنگال کان شروع ٿيندڙ سامونڊي طوفان ”امفان“ سان هن وقت تائين 84 ماڻهو فوت جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

طاقتور سامونڊي امفان گذريل ڏينهن ڀارتي رياست اولهه بنگال جي ساحل سان ٽڪرايو جنهن سان وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي.

طوفان سبب رياست اولهه بنگال ۾ 72 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.

وڏي وزير ممتا بنرجي جو چوڻ آهي ته طوفان سبب اولهه بنگال ۾ هزارين گهرن جون ڇتيون اڏامي ويون ۽ وڻ پاڙان پٽجي ويا آهن.

اولهه بنگال جي متاثر علائقن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو آهي، جنهن جي نيڪال لاءِ امدادي ڪاروايون جاري آهن.

طوفان سبب ڪلڪتو ايئرپورٽ به شديد متاثر ٿيو آهي ۽ هوائي اڏي جو هڪ حصو پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي.

بنگلاديش ۾ طوفان جون تباهه ڪاريون 

 سامونڊي طوفان امفان بنگلاديش جي 3 ساحلي ضلعن کي به متاثر ڪيو جتي 12 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا.

طوفان جي ڪري بنگلاديش جي ساحلي علائقن ۾ تيز هوائن سان تيز مينهن به وسيو.

بنگلاديش جي ساحلي ضلعن سندربن، ڪورگرام، ۽ جمال پور متاثر ٿيا، ٻه ماڻهو پٽواخالي ۾ ٻيڙي ٻڏڻ جي ڪري فوت ٿيا، پيروج پور جي علاقي سمٿبيريا ۾ ديوار ڪرڻ جي ڪري هڪ مانهو فوت ٿيو جڏهن ته ستيري جي علائقي ڪمل نگر ۾ وڻ ڪرڻ جي ڪري عورت فوت ٿي وئي.

سامونڊي طوفان سبب بنگلاديش جي ساحلي علائقن جي هڪ لک 35 هزار ماڻهن کي محفوظ جاين ڏي منقتل ڪيو ويو آهي.

سامونڊي طوفان امفان هن وقت ڀوٽان جي اتر طرف وڌي رهيو آهي پر ان جي شدت هاڻ تمام گهٽ آهي. 

امفان 1999 کانپوءِ خليج بنگال کان اٿندڙ پهريون طاقور طوفان آهي پر ڀارت ۽ بنگلاديش سان ٽڪرائڻ کان اڳ ان جي شدت گهٽ ٿي چڪي هئي.