خبرون پڙهڻ لاءِ ماڻهن جو متبادل ٿري ڊي نيوزاينڪر

news

ٽيڪنالوجي جي هن دور ۾ سائنس هر ايندڙ ڏينهن نت نيون ايجادون ڪري رهي آهي ۽ سائنس ماڻهن جي زندگي کي آسان بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششن ۾ مصروف آهي.

تازو ئي سائنس جي دنيا ۾ هڪ وڏي ۽ اهم اڳڀرائي ٿي آهي جنهن سان ٽيڪنالوجي انسانن جو متبادل به ڳولي هٿ ڪيو آهي.

چين جي سرڪاري نيوزايجنسي جديد ٽيڪانالوجي جو استعمال ڪندي دنيا جي پهرين ٿري ڊي نيوزاينڪر متعارف ڪرائي آهي.

ٿري ڊي نيوزانيڪر ني خاصيت:-

پرڏيهي خابرو اداري موجب چين طرفان پيش ڪيل ان ٿري ڊي نيوزاينڪر جي اها خاصيت آهي ته اها آساني سان گهمي سگهي ٿي، جڏهن ته هوءَ پنهنجي چهري کي پيچيده تاثر کي به ظاهر ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

خبرون پڙهڻ لاءِ ماڻهن جو متبادل ٿري ڊي نيوزاينڪر 

ٻئي طرف هيءَ ٿري ڊي نيوزاينڪر پنهنجي وارن ۽ ڪپڙن ۾ به تبديلي آڻي سگهي ٿي جڏهن ته هيءَ ماڻهن وانگي پنهنجون اکيون ڇنڀي سگهي ٿي.