شهبازشريف جو ڪورونا ٽيسٽ نيگيٽو اچي ويو

news

لاهور: قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن جي اڳواڻ شهبازشريف جو ڪورونا ٽيسٽ نيگٽو اچي ويو 

مسلم ليگ (ن) جي صدر شهبازشريف ڪورونا ٽيسٽ ڪرايو هو جنهن جي رپورٽ هاڻ سامهون اچي وئي آهي، رپورٽ موجب پنجاب جي اڳوڻي وزيراعليٰ جو ٽيسٽ نيگيٽو آيو آهي.

ياد رهي ته مخالف ڌر جي قائد شهبازشريف مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ عطاالله تارڙ جو ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ بعد ڪرايو هو.