لاڙڪاڻي ۾ وڌيڪ ٻائيتاليهه ماڻهو ڪورونا وائرس ۾ مبتلا، متاثرن جو انگ ٽي سئو اٺاويهه ٿي ويو

news

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ وڌيڪ 42 ماڻهو ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا، متاثرن جو انگ وڌي 328 ٿي ويو، ڪورونا وائرس وگهي هڪ ڄڻي جي فوت ٿيڻ کان بعد فوتين جو انگ 7 ٿي ويو، 56 متاثر ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا آهن.

ان سلسلي ۾ صحت کاتي جي ٽيم پاران لاڙڪاڻي شهر جي مختلف پاڙن مان ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ 111 ماڻهن جا سيمپل وٺي ليباريٽري اماڻيا هئا جن مان ڪالهه 42 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس رپورٽ پازيٽو ۽ 69 ماڻهن رپورٽ نيگيٽو آئي جنهن کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ متاثرن جو تعداد 328 ٿي ويو آهي جن جو واسطو لاڙڪاڻي شهر جي مختلف پاڙن سميت آسپاس وارن علائقن سان آهي.

ضلعي انتظاميه طرفان جاري ڪيل انگ اکرن موجب لاڙڪاڻي ۾ مجموعي طور تي 2475 ماڻهن جا سيمپل ورتا ويا جن مان 328 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي. متاثرن مان ڪالهه 56 ڄڻن ڪورونا وائرس جي شڪست ڏئي صحيتاب ٿي ويا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيل ماڻهن جو انگ 221 ٿي ويو آهي. متاثرن مان 206 متاثر گهرن آئسوليٽ ٿيل آهن. هڪ چانڊڪا ٽيچنگ اسپتال جي ڪورونا آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل آهي ۽ 20 ڄڻن کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪورونا وائرس جي ڪري ڪالهه وڌيڪ هڪ ڄڻي جي فوت ٿيڻ کان پوءِ فوتين جو انگ وڌي 7 ٿي ويو آهي.