جهاز حادثو: لاشن جي ڊي اين اي ٽيسٽ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي: عذره پيچوهو

news

ڪراچي: ڪراچي ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) جي جهاز کي حادثي کانپوءِ سنڌ حڪومت اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته واقعي واري هنڌ تان ايستائين 32 ڄڻن جا لاش جناح ۽ سول اسپتال منتقل ٿي چڪا آهن.

سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذره پيچوهو چيو آهي ته لاشن جي ڊي اين اي ٽيسٽ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ۽ سڀني اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته جناح اسپتال جي سموري صورتحال مان مطمئن آهيان، ڇو ته ڪورونا جي ڪري اڳي ئي اسپتالن ۾ هاءِ الرٽ هو.