شھدادپور ڀرسان الڳ الڳ واقعن ۾ ناري ۽ نوجوان پاران زھر پي آپگھات ڪرڻ جي ڪوشش

news

شھدادپور: شھدادپور ڀرسان الڳ الڳ واقعن ۾ ناري ۽ نوجوان پاران زھر پي آپگھات ڪرڻ جي ڪوشش.

رپورٽ موجب شھدادپور ويجهو ڳوٺ شجاع جکرو ۾ نوجوان علي محمد جکرو غربت کان تنگ اچي جيت مار دوا پي انت آڻڻ جي ڪوشش ڪئي.

ھڪ ٻئي واقعي ۾ ڳوٺ ڌڱاڻو رند ۾ نوجوان ناري عمرانا بروهي جيت مار دوا پي انت آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. نوجوان ناري ۽ نوجوان  کي وارث سمس اسپتال شھدادپور آندو، جتان کين طبي امداد ڏئي  حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.