عيدالفطر جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

news

ڪراچي:(ڇنڇر 23 مئي 2020ع) شوال 1441 هجري جو چنڊ ڏسڻ جي لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ ڪراچي ۾ ٿيندو.

عيدالفطر جو چنڊ ڏسڻ جي لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ ڪراچي ۾ ميٽ ڪامپليڪس ۾ ٿيندو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جو چيئرمين مفتي منيب الرحمان ڪندو.

چنڊ جي رويت جو شرعي فيصلو سڄي ملڪ مان ملندڙ شهادتن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويندو.

جڏهن ته چنڊ نظر اچڻ يا نه اچڻ جو اعلان مفتي منيب الرحمان ڪندو. ٻئي طرف موسميات کاتي چيو آهي ته اڄ چنڊ نظر اچڻ جا معمولي امڪان آهن.