ٽنڊومحمد خان جو پورهيت نوجوان واهه ۾ وهنجدي ٻڏي ويو، لاش هٿ نه آيو

news

ٽنڊومحمدخان(رپورٽ:ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان شھر جي چاندني چوڪ جو رھندڙ ھوٽل ھلائيندڙ 16 ورھين جو نو جوان راجا احسان پٺاڻ شھر جي ڦليلي واھ ۾ وھجندي ٻڏي فوت ٿي ويو جنھن جي لاش کي  ڳولڻ لاء مقامي ٽوٻن پاران ڪيترائي ڪلاڪ ڦليلي ڪئنال ۾ لاش جي تلاش جاري رکي پر نوجوان جو لاش نه ملي سگھيو جنھن کانپوءِ ٺوٻا مايوس ٿي رات جي اوندھ ٿيڻ ڪري واپس موٽيا.

 واقعي واري ھنڌ شھرين جي رش رھي فوتي نوجوان جي والد سراج پٺاڻ پوليس کي ٻڌايو ته اسان ھوٽل ھلائي  گذر سفر ڪندا آھيو، پٽ گھمڻ جو چئي نڪتو ته اچانڪ واقعو پيش آھيو، اسان جي ڪنھن سان به دشمني نه آھي.