پاڪستان ۾ عيدالفطر آچر تي ملهائي ويندي: فواد چوڌري

news

اسلام آباد: (ڇنڇر 23 مئي 2020ع) سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستن ۾ آچر تي عيدالفطر ملهائي ويندي.

سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مذهبي ڏهاڙي بابت چنڊ هميشه تڪراري بڻيل آهي جڏهن ته مذهبي ڏهاڙي کي يڪجهتي جي علامت بنجڻ گهرجي. هن چيو ته هي سائنس جو دور آهي ۽ هاڻ چنڊ ڏسڻ ڪو به مسئلو ناهي. رياست فرقيواريت کان مٿانهين هوندي آهي. چنڊ ڏسڻ بابت ٽيڪنالاجي جو تعلق نه هجڻ جي ڳالهين کي رد ڪريان ٿو.

فواد چوڌري چيو ته چنڊ کي زمين جي چوڌاري چڪر مڪمل ڪرڻ ۾ 29 ڏينهن کان وڌيڪ لڳندو آهي ۽ سج جي روشني ۾ چنڊ نظر ناهي ايندو. چنڊ جي اونچائي 6.5 ڊگري هجڻ گهرجي. جڏهن ته سج لهڻ ۽ چنڊ نڪرڻ ۾ 38 منٽن جو فرق هجڻ گهرجي.

وفاقي وزير چيو ته چنڊ نظر اچڻ جو گهٽ ۾ گهٽ زاويو 9 ڊگري هجڻ گهرجي. هن چيو ته سڀاڻي دنيا جي سمورن اسلامي ملڪن ۾ عيد ملهائي ويندي ۽ 24 مئي آچر جو ڏينهن پاڪستان ۾ به عيد ٿيندي. فواد چوڌري چيو ته 22 مئي جي رات 10 لڳي 39 منٽن تي شوال جي چنڊ جي پيدائش ٿي چڪي آهي.

سانگهڙ، بدين، ٺٽو، جيواني ۽ پسني ۾ چنڊ 7 لڳي 36 منٽن کان 8 لڳي 14 منٽن تائين ڏسي سگهجي ٿو. جتي چنڊ جي عمر 20 ڪلاڪ هوندي.