فيلڊنگ ۾ سماجي وٿي رکڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه حل ناهي: نسيم شاهه

news

لاهور: (ڇنڇر 23 مئي 2020ع)  پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه چيو آهي ته ڪرڪيٽ جي دوران فيلڊ تي سماجي وٿي رکڻ مشڪل ته آهي پر هلندڙ حالتن ۾ ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه حل ناهي ان ڪري ڪورونا کان بچڻو آهي ته سماجي وٿي اپنائڻي پوندي.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي گائيڊ لائنز ۾ رانديگرن کي فيلڊ تي سماجي وٿي سميت ڪيترين ئي تجويزن تي عمل ڪرڻ جو چيو ويو آهي.

رانديگر عام طور تي وڪيٽ وٺڻ کان پوءِ يا فيلڊ تي ڪنهن به طرح جي ڪاميابي کان پوء هڪ ٻئي سان  ڀاڪر پائي جشن ملهائيندا  آهن پر هاڻ ائين ممڪن نه ٿيندو. پاڪستان جي فاسٽ بالر نسيم شاهه چيو آهي ته هونئن ته فيلڊ  کان پري رهڻ مشڪل هوندو پر ان کان علاوه ڪوبه حل ناهي.

بيماري کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ۽ ان لاءِ گائيڊ لائن تي عمل ڪرڻ اهم آهي. هن چيو ته سڀني رانديگرن جي ڪوشش اهائي هوندي ته فيلڊ تي احتياط ڪريو جڏهن حالتون بهتر ٿي وڃن ته سڀ  اڳ جيان نارمل ٿي ويندو.