ڪورونا وائرس: سنڌ ۾ وڌيڪ چوڏنهن ڄڻا فوت ٿي ويا: مراد علي شاهه

news

ڪراچي: (ڇنڇر 23 مئي 2020ع) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 14 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا وائرس بابت تفصيل ٻڌائيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا وائرس  جي ڪيسن جو انگ 21 هزار 645 ٿي چڪو آهي جڏهن ته سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 354 کان مٿي ٿي ويو آهي. هن ٻڌايو ته ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 14 مريض فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته اڄ سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا 762 نوان ڪيس سامهون آيا.

مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جو انگ 17 هزار 69 ٿي چڪي آهي جڏهن ته اڄ ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جا 618 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. هن چيو ته ضلعي شرقي ۾ 190 ۽ ضلعي ڏکڻ ۾ 15 وڌيڪ ڪيس سامهون آيا. پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگيون هڪ هزار هڪ سئو هڪ ٿي ويون آهن جڏهن ته 52 هزار 437 ڄڻا متاثر ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 34 ڄڻا ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويا آهن. جڏهن ته هڪ هزار ست سئو 43 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان فراهم ڪيل انگن اکرن موجب سنڌ ۾ مريضن جو انگ 20 هزار 883 ۽ پنجاب ۾ 18 هزار 730 آهي. خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 391، بلوچستان ۾ 3 هزار 196 ۽ اسلام آباد ۾ هڪ هزار 457 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي. گلگت بلتستان ۾ 607  ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ سئو ايڪهتر ڄڻا ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿي چڪا آهن.

پاڪستان ۾ ڪورونا کي شڪست ڏيندڙن جو انگ 16653 ٿي وئي آهي. ڪورونا وائرس سبب سڀني کان وڌيڪ فوتگيون خيبرپختونخواهه ۾ ٿيون آهن. جتي 381 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. سنڌ ۾ 340، پنجاب 324، اسلام آباد 12، گلگت بلتستان 4، بلوچستان 39 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 1 ڄڻو ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيو آهي.