پاڪستاني اداڪاره عائزه خان پي آءِ اي جهاز ۾ سوار ٿيڻ جي خبرن کي رد ڪري ڇڏيو

news

لاهور: (ڇنڇر 23 مئي 2020ع) پاڪستان جي مشهور اداڪاره عائزه خان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ ان خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ چيو پئي ويو ته پي آءِ اي جي جهاز حادثي ۾ هو به سوار هئي.

سوشل ميڊيا جي مشهور ويب سائٽ انسٽاگرام تي پاڪستاني اداڪاره عائزه خان چيو آهي ته مان ۽ منهنجو مڙس دانش تيمور پنهنجي گهر ۾ آهيون ۽ محفوظ آهيون.

هُن پي آءِ اي جي جهاز ۾ هجڻ وارين خبرن کي ڪوڙو قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ لکيو آهي ته مهرباني ڪري ڪوڙيون خبرون نه هلايو الله پاڪ هدايت ڏئي اهڙن ماڻهن کي جيڪي هر ڳالهه جو مذاق بنائي ڇڏيندا آهن.