برازيل جي ايمازونين قبيلي جا ماڻهو قبائلي ٽوٽڪن ذريعي ڪورونا جو علاج ڪرڻ لڳا

news

برازيل: (ڇنڇر 23 مئي 2020ع) برازيل جي جهنگ ۾ رهندڙ ايمازونين قبيلو ديسي ۽ روايتي ٽوٽڪن جي ذريعي ڪورونا وائرس جو علاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

ميڊيا رپورٽ موجب ايمازون جهنگ جي رهواسين ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ نه ته اسپتالن تائين ويا نه ئي دوائون استعمال ڪيون ٻيو ته ٺهيو پر هنن ماسڪ به نه پاتا. صورتحال کي ڏسندي قبائلي ڪورونا جو علاج به پنهنجا صدين پراڻا علاج ڳولڻ شروع ڪري ڇڏيا.

قبيلي جي ماڻهن جهنگ جي خاص قسم جي جڙي ٻوٽين ۽ ماکي جي مدد سان ڪورونا وائرس جون نشانيون ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهن. قبائلي ٽوٽڪن تحت بارڪ نالي وڻ جي ريشي ۽ ماکي  جي ملائڻ سان دوا تيار ۽ استعمال ڪندا آهن ۽ ان جو اهو چوڻ آهي ته مذڪوره دوا دنيا جي هر قسم جي وبا لاءِ بهترين آهي ۽ ان سان ڪورونا وائرس ختم ڪري سگهجي ٿو.

هنن جي علاج واري طريقي تي ماهرن جي به گهري نظر آهي جيڪڏهن هنن کي بهتر لڳو ته اهوئي علاج سڄي دنيا  جي استعمال ۾ ايندو.