ڪلوروڪوئين ۽ هائيڊروڪسي ڪلوروڪوئين جي ٻيهر طبي آزمائش شروع

news

لنڊن: (ڇنڇر 23 مئي 2020ع) ڪلوروڪوئن ۽ هائيڊروڪسي ڪلوروڪوئن جو نالو ڪورونا وائرس جي حوالي سان هر ڀيري ٻڌڻ لاءِ مليو آهي ۽ ان جو استعمال تڪراري هجڻ جي باوجود لڳ بڳ 40 هزار اهڙن ماڻهن کي اهي دوائون ڏنيون وينديون جيڪي ڊاڪٽر ۽ طبي عملي سان تعلق رکندا آهن ۽ هو ڪورونا جي شڪار مريضن جو علاج ڪري رهيا آهن.

ڪلوروڪوئن ۽ بائيڊروڪسي ڪلوروڪوئين لڳ ڀڳ 70 سالن کان مليريا جي خلاف هڪ بهتر دوا جيان استعمال ٿي رهيا آهن پر ڪورونا وائرس جي حوالي سان ان جي تڪراري حيثيت ٻيهر سامهون آئي آهي.

هن وقت به آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هن دوا کي ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ بيماري ڪورونا جي خلاف بهتر دوا سمجهي رهيا آهيون پر مشهور سائنسدان ۽ ڊاڪٽرن ان جي  منفي اثرن بابت  خبردار ڪندا رهيا آهن پر هي دوائون هاڻ برطانوي شهر برائن ۽ آڪسفورڊ جي اسپتالن جي طبي عملي کي حفاظتي نقطه نظر سان کارايون وينديون ۽ ٻئي عملي کي فرضي دوا جو پلي سيبو ڏني ويندي. پوري  مطالعي ۾  برطانيه جون 25 اسپتالون شامل آهن  ۽ سال جي آخر تائين ٻنهي دوائن جي  آزمائش جاري رهندي.