ميرپور ماٿيلو: جروار روڊ تي شمن فارم وٽ ڪار جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪار ڪلٽي، نوجوان فوت

news

ميرپور ماٿيلو: جروار روڊ تي شمن فارم وٽ ڪار جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو زخمي، علائقي واسين زخمي کي ميرپور ماٿيلو سول اسپتال پهچايو، زخمي نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

رپورٽ موجب ميرپور ماٿيلو ويجهو شمن فارم وٽ  صاحب خان لنڊ جي رھواسي وڪيل سيد غلام رسول شاهه جي پٽ سيد معظم شاھ جي ڪار جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪار ڪلٽي ٿي پئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ سيد معظم شاهه سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال ميرپور ماٿيلو منتقل ڪيو ويو، جيڪو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي.

لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته نوجوان جي گهر ۾ عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.