عيد سادگي سان ملهائي سنڌ حڪومت جي ڏنل ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي: بلاول ڀٽو

news

نئون ديرو: پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو عيدالفطر جي حوالي سان وڊيو پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته پوري دنيا جا مسلمان هڪ اهڙي وقت ۾ عيد ملهائي رهيا آهن، جنهن ۾ ڪورونا وائرس جهڙي خطرناڪ وبا ڦهليل آهي.

پاڪستان جا مسلمان ڪورونا وائرس جي وبا سان منهن ڏيڻ سان گڏ جهاز حادثي جو ڏک به برداشت ڪري رهيا آهن. مان اوهان کي اپيل ڪريان ٿو ته هن صورتحال ۾ سادگيءَ سان عيد ملهايو ۽ پنهنجي هن عيد کي شهيدن جي نانءُ ڪيو.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو نئون ديرو هائوس مان جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ وڌيڪ چيو اهي ته هن عيد کي طبي عملي جي نالي سان ملهايو جيڪي اوهان جي زندگين کي بچائڻ لاءِ پنهنجي ۽ پنهنجي خاندانن جي جانين کي خطرن ۾ وجهي رهيا آهن. مان اوهان کي اها به اپيل ڪريان ٿو ته جيترو ٿي سگهي پنهنجي گهر اندر رهي عيد ملهايو. جيڪڏهن اوهان کي عيد نماز ادا ڪرڻي آهي ته حڪومت طرفان جاري ڪيل ايس او پيز تحت عيد نماز ادا ڪريو.

سعودي عرب، ايران، متحده عرب و عمارات ۽ ترقي پنهنجي شهرين کي عيد جو ڏينهن پنهنجي گهرن ۾ رهڻ جو پابند بڻايو آهي. جيڪڏهن اوهان پنهنجو تحفظ چاهيو ٿا ته مان اپيل ڪريان ٿو ته عيد نماز به گهر ۾ ئي ادا ڪريو ۽ هڪٻئي کي عيد واڌايون به فون، واٽسپ ۽ فيس بڪ جي ذريعي ڏيو. 

پنهنجو تحفظ ڪري نه صرف پنهنجي جان بچائي سگهون ٿا پر ايئن ڪرڻ سان اسان جي نظام صحت تي ايترو ئي وزن پوندو جيترو اسان برداشت ڪري سگهون ٿا. احتياط ڪري اسان ٻين جي زندگين جو به تحفظ يقيني بڻائي سگهون ٿا. مان اپيل ڪريان ٿو ته هيءَ عيد پنهنجي ڊاڪٽرن، نرسز، هيروز ۽ پنهنجي شهيدن جي نالي ڪريو.

هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو عيد الفطر ملهائڻ لاءِ نئون ديرو هائوس پهچي ويو آهي. بلاول ڀٽو عيد نماز سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تحت هائوس اندر ئي ادا ڪندو، جنهن بعد ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضريون ڀري فاتحه خواني ڪندو.

ڪورونا وائرس جي خدشي سبب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو نئون ديرو هائوس ۾ سادگيءَ سان عيد ملهائيندو ۽ عوامي ميڙاڪن ۾ شرڪت نه ڪندو ۽ ايس او پيز تحت پارٽي ڪارڪنن، عهديدارن ۽ چونڊيل نمائندن سان عيد ملندو.

ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عيد جا 3 ڏينهن نئون ديرو هائوس ۾ ترسندو جنهن دوران لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن ۾ ڪورونا وائرس جي بچاءَ لاءِ کنيل حفاظتي انتظامن توڙي مريضن جي علاج لاءِ قرنطينه سينٽرن ۾ سهولتن بابت ڄاڻ پڻ وٺندو.

هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي نئون ديرو هائوس پهچڻ کان اڳ ئي هائوس جي ٻاهران مين انٽري گيٽ تي سينيٽائيزر گيٽ پڻ لڳائي وئي آهي ته جيئن ايندڙ ماڻهن کي گيٽ مان سينيٽائيز ٿيڻ بعد هائوس اندر داخل ٿي سگهندو.