پوري ملڪ ۾ اڄ عيدالفطر سادگي سان ملهائي پئي وڃي

news

ڪراچي: پوري ملڪ ۾ اڄ عيدالفطر ڪورونا وائرس ۽ جهاز حادثي سبب سادگي سان ملهائي وئي وڃي.

پوري ملڪ ۾ عيدالفطر جي موقعي تي مجسدن، عيدگاهن ۽ امام بارگاهن ۾ عيد نماز لاءِ ننڍا وڏا اجتماع ٿيا.

عيد نماز دوران افسوسناڪ جهاز حادثي جي شهيدن جي لاءِ ۽ ڪورونا وائرس کان نجات ۽ ملڪ جي ترقي ۽ امن جي لاءِ دعائون گهريون ويون.

عيد نماز دوران سينيٽائزر جو استعمال ۽ سماجي فاصلي جو خاص خيال رکيو ويو.

انهي موقعي تي سيڪيورٽي جا خاص انتظام ڪيا ويا هئا.