اتر وزيرستان ۾ موٽرسائيڪل سوارن جي فائرنگ ۾ ٽي ڄڻا فوت

news

پشاور: خيبرپختونخواهه جي ضلعي اتر وزيرستان ۾ اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوارن جي فائرنگ سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.

پوليس موجب فائرنگ جو واقعو اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ پيش آيو جتي اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوار واٽهڙن کي نشانو بڻائي فرار ٿي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿيلن جي سڃاڻپ زبيد الله، فرمان الله ۽ ملڪ نعمت الله جي نالن سان ٿي آهي.

پوليس موجب زبيد الله خان سي ايس ايس آفيسر آهي ۽ اسلام آباد ۾ مختلف عهدن تي رهيو آهي.

پوليس ٻڌايو ته زبيدالله اسلام آباد مان عيد ملهائڻ ڳوٺ آيو هو جتي مائٽن جي گهر کان پنڌ واپسي تي هن کي نشانو بڻايو ويو.