سيلفي ٺاهڻ جو جنون: چئن ڀينرن سميت پنج ڄڻا چناب درياءَ ۾ ٻڏي ويا

news

مظفرڳڙهه: (سومر 25 مئي 2020ع) پنجاب جي ضلعي مظفر ڳڙهه ۾ سيلفي ٺاهڻ جي  شوق پنجن ڄڻن جون حياتيون وڃائي ڇڏيون آهن جن جي ڳولا جاري آهي.

ڏکوئيندڙ واقعي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو 1122 جون تيراڪ ٽيمون پهچي ويون آهن ۽ امدادي ڪارروايون  به آهن. ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته چناب درياءَ جي ڪناري تي موجود مقامي ماڻهن ٻن ڀينرن ۽ هڪ شخص کي زنده ڪڍي ورتو آهي  جڏهن ته ٻن ڀينرن جي ڳولا جاري آهي.

اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته  5  ڀينرون تفريح جي لاءِ چناب درياءَ تي ٻڏي ويون. جن مان چار ڀينرون سيلفي ٺاهيندي  درياءَ ۾ ڪري پيون. ياد رهي ته هي پنهنجي نوعيت جو پهاريون واقعو ناهي ان کان اڳ به پتوڪي ۾ سيلفي ٺاهڻ جي دوران 24 ساله نوجوان درياءَ ۾ ٻڏي ويو هو.

24 ساله عديل لاهور صدر ڪينٽ جو رهواسي هو جيڪو فيملي سان گڏ موڪل ملهائڻ لاءِ آيا هئا. ان کان اڳ سوات جي سياحتي هنڌ بحرين جي سير ڪرڻ لاءِ آيل ڪراچي سان تعلق رکندڙ شخص ۽ ان جي ڌيءَ ٻڏي فوت ٿي وئي هئي.