لداخ ۾ چين ۽ ڀارتي فوج وچ ۾ چڪريون، ڪيترائي ڀارتي اهلڪار گرفتار

news

نئين دهلي: (سومر 25 مئي 2020ع) چيني ۽ ڀارتي فوج وچ ۾ تڪراري علائقي لداخ ۾ چڪرين کان پوءِ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي ويو آهي.

ڀارتي ۽ پرڏيهي ميڊيا موجب اوڀر مداح ۾ جهيل پينگانگ سئو جي ويجهو ٻنهي ملڪن جي فوج وچ ۾ چڪريون ٿيون جنهن کان پوءِ چيني فوج ڀارتي فوجي دستي کي گرفتار ڪري ورتو ۽ سندن هٿيار به پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيا آهن. جنهن کان پوءِ ڀارتي فوج جي هاءِ ڪمان سان رابطي کان پوءِ کين آزاد ڪيو ويو.

ٻئي طرف ڀارتي فوج جي ترجمان پنهنجي فوجين جي گرفتاري جي ترديد ڪندي چيو آهي ته جڏهن ميڊيا اهڙي قسم جون خبرون شايع ڪندو آهي ته ان سان اسان جي قومي مفادن کي نقصان پهچندو آهي. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن جي فوج لداخ ۾ پنهنجي نفري ۾ اضافو ڪري رهي آهي ۽ لائن آف  ايڪچوئل ڪنٽرول تي  ڪيترن ئي هنڌن تي خيما لڳايا ويا آهن.

ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازو ڇڪتاڻ ان وقت شروع ٿي جڏهن ڀارتي فوج لداخ جي علائقي گالوان ۾ هڪ روڊ تي پل جي تعمير شروع ڪئي جنهن تي چين سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. 5 ۽ 9 مي تي به ٻنهي ملڪن جي فوچ  وچ ۾ چڪريون  ٿيون هيون جنهن ۾ بنهي طرفن کان هٿيارن جي بجاءِ   مُڪن ۽ لوهي راڊن جو استعمال ڪيو ويو هو جنهن ۾ ڪيترائي اهلڪار زخمي به ٿي پيا هئا.

سوشل ميڊيا تي وڊيو به وائرل ٿي هئي جن ۾ ٻنهي فوجين جي وچ ۾ تڪراري ڏسي سگهجي ٿي. ڀارت جو چين سان گڏ سرحدي جهيڙي سان گڏ نيپال سان به سرحدي ڇڪتاڻ وڌندي پئي وڃي. نيپالي وزيراعظم ڪي بي اولي نيپال جو نئون نقشو جاري ڪيو آهي جنهن ۾ ڪالا پاني، لمپيا دهورا، ليپوليکهه جي علائقي کي نيپال جو حصو قرار ڏنو جنهن تي ڀارت پنهنجو دعويٰ ڪندو رهيو آهي. هن نيپال ۾ ڪورونا وائرس پکڙجڻ جو ذميوار به ڀارت کي قرار ڏنو آهي.