ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ ٽي ڄڻا فوت، اٺونجاهه نوان ڪيس به سامهون اچي ويا

news

اسلام آباد: (سومر 25 مئي 2020ع) پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ فوتگيون خيبرپختونخواهه ۾ سامهون آيون آهن جتي هينئر تائين 398 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته سنڌ ۾ 367 ۽ پنجاب ۾ 337 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن. 

رپورٽ موجب ملڪ ۾ اڄ هينئر تائين ڪورونا  وگهي وڌيڪ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو گڏيل انگ 1167 ٿي ويو آهي. جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ مريضن جو گڏيل انگ 56346 تائين پهچي ويو آهي. هينئر تائين سڀني کان وڌيڪ فوتگيون خيبرپختونخواهه ۾ سامهون آيون آهن جتي ڪورونا سبب 398 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته سنڌ ۾ 367 ۽ پنجاب ۾ 337 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. ان کان علاوه بلوچستان ۾ 40، اسلام آباد 16، گلگت بلتستان ۾ 7 ۽ آزاد ڪشمير ۾ موذي وائرس سبب 2 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

اڄ جي ڪيسن جي صورتحال:

اڄ سڄي ملڪ ۾ هينئر تائين ڪورونا جا وڌيڪ 58 ڪيس ۽ 3 فوتگيون سامهون آيون آهن جن مان اسلام آباد ۾ 49 ڪيس ۽ 2 فوتگيون ۽ 12 ڪيس آزاد ڪشمير ۾ رپورٽ ٿيا آهن.

سنڌ:

آچر تي سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 846 ڪيس ۽ 13 فوتگيون رپورٽ ٿيون هيون جنهن جي تصديق سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪئي. مراد علي شاهه ٻڌايو ته صوبي ۾ ڪورونا جي مريضن جو ٽوٽل انگ 22491 ۽ فوتگيون 376 ٿي ويون آهن. جڏهن ته 7359 ڄڻا صحتياب به ٿي چڪا آهن.

اسلام آباد:

وفاقي گادي واري شهر ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 49 ڪيس ۽ 2 فوتگيون سامهون آيون آهن جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪيون ويون آهن. سرڪاري پورٽل موجب اسلام آباد ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 1641 جڏهن ته فوتگيون 16 ٿي چڪيون آهن. اسلام آباد ۾ هينئر تائين   ڪورونا وائرس سبب 162 مريض صحتياب به ٿي ويا آهن.

آزاد ڪشمير:

آزاد ڪشمير ۾ اڄ ڪورونا جا وڌيڪ 12 ڪيس ۽ هڪ فوتگي سامهون آئي آهي جيڪا  سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ٿي آهي. حڪومتي انگن اکرن موجب علائقي ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ 209 ٿي ويو آهي جڏهن ته علائقي ۾ هنيئر تائين وائرس سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن سرڪاري پورٽل موجب آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وائرس سبب هنيئر تائين 97 ڄڻا صحتياب به ٿي چڪا آهن.

گلگت بلتستان:

گلگت بلتستان ۾ آچر تي ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوتين جو گڏيل انگ 7 ٿي ويو آهي. گلگت ۾ گذريل ڏينهن موذي وائرس جا وڌيڪ 12 ڪيس سامهون آيا آهن جنهن کان پوءِ علائقي ۾ متاثر ماڻهن جو انگ 619 ٿي وئي آهي. جڏهن ته 437 ڄڻا صحتياب به ٿي چڪا آهن.

پنجاب: 

گذريل ڏينهن پنجاب ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ صوبي ۾ فوتين جو انگ 337 تائين پهچي ويو آهي. صوبائي ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي موجب پنجاب ۾ متاثر مريضن جو انگ 20077 ٿي ويو آهي.

بلوچستان:

بلوچستان ۾ آچر تي ڪورونا سبب هڪ  ٻيو مريض فوت ٿي ويو جنهن کان پوءِ صوبي ۾ فوتين جو ٽوٽل انگ 40 ٿي ويو آهي. صوبائي صحت کاتي موجب گذريل ڏينهن  101 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن جنهن کان پوءِ متاثر مريضن جو انگ 3407 ٿي ويو آهي. بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر 875 مريض صحتياب به ٿي چڪا آهن.

خيبرپختونخواهه:

خيبرپختونخواهه ۾ به آچر تي ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ صوبي ۾ فوتين جو انگ 398 ٿي ويو آهي. صوبائي صحت کاتي موجب صوبي ۾ متاثر ماڻهن جو انگ 7905 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته هينئر تائين 2469 ڄڻا ڪورونا وائرس مان صحتياب به ٿي چڪا آهن.