چيني والدين کي ٻٽيهه سال اڳ اغوا ٿيل پٽ ملي ويو

news

بيجنگ: چيني والدين کي 23 سال اڳ اغوا ٿي ويل پٽ ملي ويو ان وقت نهايت جذباتي منظر اچڻ لڳا.

ماؤين ٻن سالن جي عمر ۾ ان وقت پنهنجي والدين کان وڇڙي ويو جڏهن نرسري اسڪول کان واپسي تي پيءُ کان وڇڙي ويو هو، ان ٻار جي اغوا ٿيڻ بعد ماؤ جي والدين پوري چين ۾ اشتهار هڻايا ۽ هڪ لک کان وڌيڪ پوسٽر ورهايا.

23 فيبروري 1986 ۾ پيدا ٿيل ماؤين شانڪسي صوبي جي شهر زيان سان تعلق رکي ٿو پر هڪڙي ڏينهن اسڪول کان واپسي تي هن پيءُ کان پاڻي گهريو ته هن هڪ هوٽل اڳيان کيس بيهاري پاڻ اندر پاڻي کڻڻ ويو ان دوران ٻار گم ٿي ويو.

ٻار جي محبت کان بيقرار والد پنهنجي نوڪري ڇڏي ڏني ۽ 10 صوبن ۽ شهرن ۾ هڪ لک کان وڌيڪ اشتهار ورهايا پر کيس ڪاميابي نه ملي، ان کانپوءِ والدين پنهنجي پٽ جي ڳولا لاءِ ڪيترن ئي ٽي وي شوز ۾ ويو ۽ ڪجهه ادارن کان ٻار به مليا پر انهن ۾ هن جو پٽ نه هو.

2007 ۾ هو گم ٿيل ٻارن جي تنظيم ۾ شامل ٿيو،”ان گروپ جو نالو بي بي ڪم بيڪ هوم“ هو، اهڙيءَ طرح ڪل 29 ٻار پنهنجي والدين سان مليا پر ان وقت تائين سندس پٽ نه مليو.

هن سال اپريل ۾ پوليس سچوان صوبي ۾ هڪ 34 سالن جي ماڻهوءَ کي ڳوليو جنهن جو ڊي اين اي ٽيسٽ ورتو ويو ته ڇا هو سندس اصل والدين ماؤين جنگ ۽ لائي جنگ زائي جي اولاد آهي يا نه ۽ ڊي اين اي ٽيسٽ صحيح ثابت ٿيو، هاڻ ان ٻار جو نالو ماؤين سي گو ننگ ننگ هو جيڪو گهرن ۾ ٺاهه ٺوهه جو ڪم ڪندو آهي.

پوليس موجب اغوا ڪندڙ ٻار کي ان وقت 800 ڊالرن ۾ بي اولاد جوڙي کي وڪرو ڪيو هو ۽ 10 مئي تي چيني يوم والده تي اهڙي خوشخبري سندس والدين کي ڏني وئي هئي، پر پوليس گود وٺندڙ جوڙي جي معلومات ناهي ڏني، حالانڪه چين ۾ ٻارن جو اعوا ۽ اسمگلنگ عام آهي، 2015 موجب هر سال اتي 20 هزا ٻار اغوا ٿيندا آهن.

مصنوعي ذهانت جو استعمال:-

پوليس ان عمل ۾ مصنوعي ذهانت کان ڪم ورتو ۽ ٻارن جي ڪيترين ئي تصويرن کي سافٽ ويئر ذريعي مختلف عمرن جي وچ ۾ چهرن کي ڏٺو، حيرت انگيز طور تي 32 سالن جي تصوير عين ان ماڻهوءَ جهڙي نڪتي ۽ پوءِ ڊي اين اي ٽيسٽ سان تصديق ڪئي وئي.