جهاز حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان ڊيرن سيمي پاران ڏک جو اظهار

news

لاهور: (سومر 25 مئي 2020ع) مشهور رانديگر ڊيرن سيمي قومي ايئرلائين پي آءِ اي جهاز حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

ڊيرن سمي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته جهاز حادثي ۾  فوت ٿي ويل پاڪستانين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو. مشڪل وقت ۾ اوهان سڀني سان گڏ آهيان ۽ جن ماڻهن جون حياتيون ويون آهن انهن جي لاءِ مان دعاگو آهيان.

پشاور زلمي جي هيڊ ڪوچ ڊيرن سيمي چيو ته هي مشڪل وقت آهي حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن ۽ دوستن سان تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو.