لاڪ ڊائون دوران شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويل فنڪار

news

ڪراچي: (سومر 25 مئي 2020ع) سڄي دنيا ۾ پکڙجندڙ ڪورونا وائرس جتي انساني زندگين کي متاثر ڪيو آهي اتي ئي ڪورونا سبب ٿيندڙ لاڪ ڊائون دوران شوبز جي فنڪارن شادي ڪري پنهنجي لاءِ نئين زندگي جي شروعات ڪئي آهي.

گذريل مهيني پاڪستان جي مشهور اداڪاره ثمينه احمد ۽ اداڪار منظر صهباني ڪورونا لاڪ ڊائون دوران اوچتو شادي ڪري پنهنجي چاهيندڙن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. ٻئي اداڪار 70 سالن جي عمر ۾ 4 اپريل تي خاموشي سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا هي شادي ته خاموشي سان ٿي هئي پر خبرون سامهون اچڻ کان پوءِ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ٽوئٽر تي ٽاپ ٽرينڊ ۾ رهي.

لاڪ ڊائون دوران شوبز جي هڪ ٻئي شادي جي خبر سوشل ميڊيا تي جهنگ جي باهه جيان پکڙجي وئي. پاڪستاني اداڪاره ۽ ماڊل نمره خان اپريل جي آخري هفتي ۾ سادگي سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي جنهن جي خبر هن سوشل ميڊيا تي پنهنجي چاهيندڙن سان شيئر ڪئي ۽ ماڻهن کان پنهنجي نئين زندگي جي شروعات لاءِ دعائن جي اپيل ڪئِي.

ڪورونا وبا ۽ لاڪ ڊائون دوران هڪ ٻئي پاڪستاني جوڙي آغا علي ۽ حنا الطاف به  گهٽ ماڻهن جي موجودگي ۾ شادي ڪري پنهنجي مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو. ٻنهي ويجهن عزيزن جي موجودگي ۾ جمعته الوداع جي ڏينهن نڪاح جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا.