مصوريءَ جو هي اهم شاهڪار ماڻهن جي ساهه کان متاثر ٿي رهيو آهي

news

اوسلو: جيڪڏهن توهان مصوري جا شوقين ناهيوپوءِ به توهان مصوريءَ جي هڪ شاهڪار پينٽنگ ضرور ڏٺي هوندي جنهن کي اسڪريم يا رڙ جو نالو ڏنو ويو آهي، هيءَ پينٽنگ هاڻ ماڻهن جي ساهه کان ڪافي متاثر ٿي رهي آهي جيڪي ان کي هزارن جي انگ ۾ ڏسڻ لاءِ اچن ٿا.

هيءَ پينٽنگ ايڊورڊ مونڪ 1910 ۾ ٺاهي هئي جيڪا اوسلو جي مونڪ ميوزيم ۾ موجود آهي، پر پينٽنگ جي نقادن جو چوڻ آهي ته هيءَ تصوير تمام گهڻو تيزيءَ سان پنهنجي خوبصورتي وڃائي رهي آهي ۽ ان جا رنگ ڦڪا ٿي رهيا آهن، پهرين چيو ويو ته هن جي چوڌاري مصنوعي روشني ان کي متاثر ڪري رهي آهي پر هاڻ خبر پئي آهي ته ماڻهن جي ساهه جي آلاڻ ۽ ٻين قسمن جا ڪيميڪلز به هن پينٽنگ جا دشمن بڻجي ويا آهن.

هن پينٽنگ جي سڃاڻپ لاءِ آمريڪا، بيلجيم،، اٽلي ۽ برازيل گڏيل طور تي تحقيق شروع ڪئي آهي، هنن ڏٺو ته پس منظر ۾ ويندڙ سج ۽ رڙ ڪندڙ ڪردار جي ڳچي جو پيلو رنگ آهستي آهستي سفيد ٿي رهيو آهي ۽ ڦڪو ٿي رهيو آهي.

ان جا تفصيل سائنس ايڊوانس ۾ شايع ٿيا آهن، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ايڊوارڊ مونڪ غيرارادي طور تي ڪيڊميئم وارو پيلو رنگ استعامل ڪيو هو.، هي رنگ آلاڻ ۾ هلڪو ٿي ويندو آهي.

يونيورسٽي آف آنٽ ورپ جي سائنسدان ڪوئن جينسن چيو آهي ته روزانو هزارين ماڻهو ان پينٽنگ ڏسڻ لاءِ ايندا آهن پر انهن جي ساهه جي آلاڻ ۽ ڪلورائيڊز اسڪريم  کي تباهه ڪري رهيا آهن، سائنسدانن موجب مونڪ ڪي گهڻا مهنگا رنگ خريد نه ڪندو هو ۽ ان ان وقت پينٽنگ جو روغن غيرمعياري هو پر ان نتيجي تي پهتا آهن ته ايڊوارڊ انهن رنگن جو استعمال ڄاڻي واڻي نه ڪيو هو.

هن سال هيءَ پينٽنگ اوسلو جي اوپرا هائوس ۾ هئين ويندي، ياد رهي ته 22 آگسٽ 2004 ۾ هيءَ پينٽنگ چوري ٿي وئي هئي جنهن کي پوليس 2006 ۾ ٻيهر ڳولي هٿ ڪيو ۽ عين ان وقت ۾ هن عظيم شاهڪار کي تمام گهڻو نقصان پهتو هو.