شهبازشريف پاڪستان اچي غلطي ڪئي، جيل ويندو: ريلوي جو وفاقي وزير

news

لاهور: ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته شهبازشريف پاڪستان اچي غلطي ڪئي آهي، هاڻ هو جيل ويندو.

شيخ رشيد چيو آهي ته نوازشريف کي ٻاهر موڪلڻ جي معاملي تي عمران خان سان ڌڪ ٿي ويو آهي، هاڻ نوازشريف جي پليٽ ليٽس هيٺ مٿي نه پئي ٿئي.

شوگر اسڪينڊل جي حوالي سانن ڳالهائيندي ريلوي جي وزير چيو آهي ته ڪابينا جي اجلاس ۾ کنڊ موڪلڻ جي مخالفت ڪئي هئي، جيڪو الزام هڻو توهان جي مرضي پر عمران خان ايماندار ۽ صاف ماڻهو آهي.

هن چيو ته اسد عمر به ايمنادار ماڻهو آهي پر غلطي ٿي ويندي آهي جڏهن ته جهانگيرترين جو عمران خان سان هڪ فيس هو جيڪو هاڻ خراب ٿي ويو آهي.

شيخ رشيد چيو آهي ته اڄڪلهه ڪابينا ۾ عمران خان اسد عمر جي وڌيڪ ٿو ٻڌي.