پائلٽس جي عالمي تنظيم پاران جهاز حادثي جي جاچ لاءِ پنهنجي خدمتن جي آڇ

news

ڪراچي: انٽرنيشنل فيڊيريشن ايئرلائن پائلٽ ايسوسيئيشن ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ لاءِ پنهنجي خدمتن جي آڇ ڪري ڇڏي.

انٽرنيشنل فيدريشن ايئرلائن پائلٽ ايسوسيئيشن جاچ ٽيم جي سربراهه ايئر ڪموڊور عثمان غني کي خط لکيو آهي جنهن ۾ ڪراچي ۾ ڪري تباهه ٿيل پي آءِ اي جي جهاز بابت جاچ لاءِ خدمتن جي آڇ ڪئي آهي، تنظيم جي صدر جو چوڻ آهي ته هو پي آءِ اي جهاز حادثي جي جاچ ۾ ماهر جي حيثيت سان شامل ٿيڻ ٿو چاهي.

ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي جهاز حادثي جي جاچ جو عمل جاري آهي، جاچ ٽيم اڄ به  حادثي واري جاءِ تي مختلف رخ کان جاچ ڪري رهي آهي، پي آءِ اي جي سيفٽي ٽيم جي سربراهه ڪيپٽن عامر آفتاب به ٽيم سان گڏ حادثي واري جاءِ تي موجود آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ ٽيم طرفان تباهه ٿيل جهاز جو وائس ڊيٽا ريڪارڊ ڳوليو پيو وڃي، ايئربس 320 جهاز جو بليڪ باڪس شروع ۾ ئي ملي ويو هو، بليڪ باڪس ۽ واٽس ڊيٽا ريڪارڊر فرانسيسي ٽيم پاڻ سان گڏ ڊي ڪوڊ ڪرڻ لاءِ کڻي ويندي.