سڪرنڊ:ماني ۾ دير ڇو؟ پسٽل جا فائر ڪري همراهه زال کي قتل ڪري ڇڏيو

news

سڪرنڊ(رپورٽ: مشتاق سولنگي) ڳوٺ محمد خان مگسي ۾ جوابدار سائين بخش مگسي ماني دير سان پچائي ڏيڻ تان پنھنجي زال 45 ورھين جي رخسانه کي پسٽل سان گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو.

 قتل ڪرڻ بعد جوابدار پسٽل سميت فرار ٿي ويو آھي، واقعي جو اطلاع ملندي ماڙي جلباڻي پوليس لاش کڻائي تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آھي.

 پوليس جوابدار جي ڳولا ڪري رھي آھي ۽ اڃان تائين ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي.