ملڪ ۾ اڄ ڪورونا وگهي وڌيڪ سورنهن فوتگيون، ڇهه سئو ڇاهٺ نوان ڪيس رپورٽ

news

اسلام آباد: (اڱارو 26 مئي 2020ع) ملڪ ۾ اڄ هينئر تائين اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ فوتگيون سامهون آيون آهن.  رپورٽ موجب ملڪ ۾ اڄ هينئر تائين ڪورونا وگهي وڌيڪ 16 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. جنهن کان پوءِ فوتين جو گڏيل انگ 1197 ٿي ويو آهي. جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ مريضن جو انگ 57705 تائين پهچي ويو آهي.

هينئر تائين سڀني کان وڌيڪ فوتگيون خيبرپختونخواهه ۾ سامهون آيون آهن جتي ڪورونا سبب 408 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته سنڌ ۾ 369 ۽ پنجاب ۾ 352 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. ان کان علاوه بلوچستان ۾ 41، اسلام آباد 17، گلگت بلتستان ۾ 8 ۽ آزاد ڪشمير ۾ موذي وائرس سبب 2 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

اڄ جي ڪيسن جي صورتحال:

اڄ اڱاري جي ڏينهن سڄي ملڪ ۾  هينئر تائين ڪورونا جا وڌيڪ 666 ڪيس ۽ 16 فوتگيون  رپورٽ ٿيون آهن جن مان پنجاب ۾ 577 ڪيس 15 فوتگيون، اسلام آباد 97 ڪيس هڪ فوتگي ۽ آزاد ڪشمير ۾ وڌيڪ 2 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

پنجاب:

پنجاب ۾ اڄ ڪورونا جا وڌيڪ 577 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 15 فوتگيون به سامهون آيون آهن جنهن جي تصديق پي ڊي ايم اي طرفان ڪئي وئي. پي ڊي ايم اي موجب صوبي ۾ ڪورونا جي مريضن جو گڏيل انگ 20654 ۽ فوتگيون 352 ٿي ويون آهن. صوبي ۾ هينئر تائين ڪورونا جا 6124 ڄڻا صحتياب به ٿي چڪا آهن.

اسلام آباد:

وفاقي گادي واري شهر ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 87 ڪيس ۽ هڪ فوتگي سامهون آئي جيڪا سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪئي وئي آهي. سرڪاري پورٽل موجب اسلام آباد ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 1728 جڏهن ته فوتگيون 17 ٿي چڪيون آهن. اسلام آباد ۾ هنيئر تائين ڪورونا وائرس جا 152 مريض صحتياب به ٿيا آهن.

آزاد ڪشمير:

آزاد ڪشمير ۾ اڄ ڪورونا جا وڌيڪ 2 ڪيس سامهون آيا آهن جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ٿيا آهن. حڪومتي انگن اکرن موجب علائقي ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ 211 ٿي ويو آهي جڏهن ته علائقي ۾ هينئر تائين وائرس سبب 2 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. سرڪاري پورٽل موجب آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا سبب هينئر تائين 99 ڄڻا صحتياب به ٿي چڪا آهن.

سنڌ:

سنڌ ۾ سومر تي وڌيڪ 443  نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ کان پوءِ متاثر ماڻهن جو انگ 22934 ٿي وئي آهي. جڏهن ته ڪورونا جا 2 مريض فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ صوبي ۾ فوت ٿي ويل مريضن جو انگ 369 ٿي وئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل ڏينهن 1852 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 332 پازيٽو آيا  جڏهن ته 614 مريض صحتياب ٿي گهرن ڏانهن هليا ويا آهن. مراد علي شاهه چيو آهي ته اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته نون مريضن جو انگ صحتياب ٿيندڙ ماڻهن کان گهٽ آهي ۽ هينئر تائين گڏيل طور تي 7973 ماڻهو گهرن ڏانهن هليا ويا آهن.

بلوچستان: بلوچستان ۾ سومر تي ڪورونا سبب هڪ ٻيو مريض فوت ٿي ويو جنهن کان پوءِ صوبي ۾ فوتين جو انگ 41 ٿي ويو آهي. صوبي  ۾ گذريل ڏينهن 61 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن جنهن کان پوءِ متاثر مريضن جو انگ 3468 ٿي وئي آهي. بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر 993 مريض صحتياب به ٿي چڪا آهن.

خيبرپختونخواهه: خيبرپختونخواهه ۾ سومر تي ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 175 ڪيس سامهون آيا ۽ 10 ڄڻا فوت به ٿي چڪا آهن جنهن کان پوٰءِ صوبي ۾ فوتين جو انگ 408 ٿي ويو آهي. صوبائي صحت کاتي موجب صوبي ۾ متاثر ماڻهن جو انگ 8080 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته هينئر تائين 2529 ماڻهو ڪورونا وائرس مان صحتياب به ٿي چڪا آهن.