جهاز حادثو: فرانسيسي ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪري ورتيون

news

ڪراچي: ايئربس جي 11 رڪني فرانسيسي ماهرن جي ٽيم جهاز حادثي واري جاءِ تان اهم تصويرون ۽ وڊيو جي صورت ۾ شاهديون گڏ ڪري ورتيون آهن.

مشهور جهاز ٺاهيندڙ ڪمپني ايئربس جي ماهرن تي ٻڌل 11 رڪني ٽيم فرانسيسي ماهرن جي ٽيم ماڊل ڪالوني ۾ جهاز حادثي واري جاءِ جو دورو ڪيو، ان موقعي تي کين سول ايوي ايشن جي فائرڊپارٽمينٽ، پي آءِ اي جي فلائٽ سيفٽي ۽ انجنيئرنگ جي آفيسرن تفصيلي بريفنگ ڏني.

ايئربس جي ٽيم حادثي جو شڪار جهاز جي ملبي، انجڻ، گيئر، ونگز ۽ فلائٽ ڪنٽرول سسٽم جو جائزو ورتو، ٽيم جهاز ٽڪرائن سبب ڊهندڙ گهرن جو به معائنو ڪيو ۽ جهاز جي ملبي ۽ متاثر جاين جون تصويرون ۽ وڊيو ٺاهيون.