ماڪڙ جي حملي سان چار سئو ايڪونجاهه ارب روپين جو نقصان ٿي سگهي ٿو:اسماعيل راهو

news

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) زراعت واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو چيو آهي ته سنڌ جا 2 نه پر 9 ضلعا  ماڪڙ سبب متاثر ٿيا آهن، عيد جي  ڏهاڙن ۾ به زراعت کاتي جي ٽيمن خيرپور، سانگهڙ، شهيد بينظيرآباد، ڪشمور ڪنڌڪوٽ،  مٽياري، ڄامشورو، حيدرآباد، بدين، ٿرپارڪر، دادو ۽ قمبر شهدادڪوٽ  ۾ ماڪڙ جي خاتمي لاءِ 1408 ايڪڙ اسپري ڪيو، وفاق پاران اڃا تائين سنڌ ۾ فضائي اسپري شروع ناهي ڪيو ويو.

 اسماعيل راهو چيو ته گرمي جي موسم ۾ فصلن تي ماڪڙ جي حملن سان 451 ارب جو نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي، ماڪڙ کان انسان کي ڪوبه خطرو ناهي اها صرف فصلن تي حملو ڪندي آهي، هن وقت وڏي تعداد ۾ ماڪڙ بلوچستان کان سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ داخل ٿي رهي آهي، ايڏووڏو قومي مسئلو، اڃا تائين وفاق جي عدم توجه جو شڪار آهي.

 صوبائي وزير وزيراعظم تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪاش وزيراعظم نٿيا گلي گهمڻ بجاءِ جهاز حادثي، ڪورونا ۽ ماڪڙ جي مسئلي تي ٿورو غور ڪري ها، موجوده حڪومت جي نااهلي سبب ماڪڙ سان ملڪ هڪ نئين بحران جو شڪارٿيندو، عوام نٿيا گلي گهمڻ بجاءِ ڪورونا ۽ ماڪڙ جهڙي مصيبتن کي منهن ڏنو، ماڪڙ ڪا به بيماري ناهي ڦهيلائيندي ۽ نه وري جانورن تي حملو ڪندي آهي صرف فصلن تي حملو ڪندي آهي، ماڪڙ سنڌ ۾ صوبي جي سالياني 70 سيڪڙو بجٽ جيترو فصلن کي نقصان پهچائي سگهي ٿي. 

هن چيو ته ماڪڙ سنڌ جي ريگستاني 7 ضلعن سميت 10 ضلعن ۾ فصل مڪمل تباهه ڪري سگهي ٿي.