دوداپور ۾ صحافي ذوالفقار مندراڻي شهيد، وارثن پاران پوليس تي الزام

news

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) جيڪب آباد ضلعي جي شهر دودا پور ۾ ڏينهن ڏٺي جو سينيئر صحافي گوليون هڻي قتل. وارثن ايس ايڇ او مٿان صحافي کي قتل ڪرڻ جو الزام لڳائيندي معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي ايس ايڇ او دوداپور مٿان ڪيس داخل ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾

 جيڪب آباد ضلعي جي تعلقي ڳڙهي خيرو جي شهر دوداپور ۾ هٿياربندن سينيئر صحافي ذوالفقار علي مندراڻي کي گوليون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو اطلاع تي دوداپور پريس ڪلب جي صحافين ۽ وارثن پهچي صحافي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي زخمن جا سور نه سهندي صحافي ذوالفقار علي مندراڻي شهيد ٿي ويو.

 ان موقعي تي شهيد صحافي جي وارثن صحافين کي ٻڌايو ته ذوالفقار علي مندراڻي دوداپور ۾ ڏوهن جي نشاندهي ڪري پوليس خلاف اخبار ۾ لکندو هو کيس ايس ايڇ او دوداپور رٿابندي سان دايا ۽ سيد برادري جي ماڻهن هٿان قتل ڪرائي ظلم ڪيو آهي. 

هنن سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد کان گهر ڪئي ته ايس ايڇ او دوداپور، دايا ۽ سيد برادري جي ماڻهن مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي. 

هوڏانهن اطلاع تي لاڙڪاڻو پريس ڪلب سميت مختلف شهرن جي صحافين وڏي انگ ۾ اسپتال پهچي وارثن سان ڏک ونڊيندي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته شهيد صحافي جي قاتلن کي گرفتار ڪري سندس وارثن سان انصاف ڪيو وڃي. 

ٻئي پاسي شهيد صحافي جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي دوداپور روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي ماحول سوڳوار ٿي ويو.