مورو ڀرسان الڳ الڳ جھيڙا، لٺيون ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب ٻن عورتن سميت نو ڄڻا زخمي

news

مورو: رپورٽ وحيد مستوئي) مورو ڀرسان قومي شاھراھ ٽپال ڳوٺ ۾ گھٽيءَ ۾ بيھڻ تان سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جھيڙي ۾ لٺيون ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب خادم حسين ماڇي، ذاڪر حسين، زيبل ماڇي ۽ نصير سولنگي زخمي ٿي پيا جن کي مورو اسپتال پھچايو ويو.

 جھيڙي کانپوءِ ھڪ ڌرجي ماڻھن خادم حسين ماڇي، ذاڪر حسين، مھتاب عورتن سان گڏ قومي شاھراھ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو، جتي پوليس پھچي خاطري بعد روڊ کولرائي ڇڏيو. 

ھوڏانھن شھر ۾ کوسا ۽ خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جھيڙي ۾ ڏنڊا ۽ سرون لڳڻ سبب قربان کوسو، سندس گھر واري مسمات فتل کوسو ۽ ارشاد کوسو زخمي ٿي پيا.

 نوان جتوئي پوليس ٿاڻي تي ادريس خاصخيلي ۽ منير خاصخيلي سميت چئن ڄڻن تي اين سي داخل ڪئي آھي. 

زخمين کي مورو اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽر پاران طبي امداد ڏئي ھوش ۾ آندو.