اسلام آباد ۾ فائرنگ سبب هيڊ ڪانسٽيبل ۽ اي ايس آءِ شهيد

news

اسلام آباد:(اربع 27 مئي 2020ع) اسلام آباد جي علائقي ترنول ۾ فائرنگ دوران ڊيوٽي تي مقرر هيڊ ڪانسٽيبل ۽ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر(اي ايس آءِ) کي شهيد ڪيو ويو.

رپورٽ موجب ترنول جي علائقي ۾ رات دير سان فائرنگ سبب شهيد ٿيندڙ هيڊ ڪانسٽيبل جي سڃاڻپ محمد سجاد ۽ اي ايس آءِ جي سڃاڻپ  محسن ظفر جي نالي سان ٿي.

جنهن کان پوءِ شهيد پوليس اهلڪارن جي جنازي جي نماز پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ پڙهائي وئي جنهن ۾ آءِ جي اسلام آباد محمد عامر ذوالفقار خان، سينئر پوليس آفيسرن ۽ جوانن شرڪت ڪئي.

آءِ جي اسلام آباد محمد عامر ذوالفقار خان چيو آهي ته شهيد پوليس اهلڪارن جي قاٿلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين.

هن چيو ته اسلام آباد پوليس جو هر آفيسر ۽ جوان شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ پنهنجو رت وهائڻ  لاءِ هر دم تيار آهي. اهڙين بزدلاڻين ڪاررواين سان پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن جا حوصلا ختم نٿا ٿي سگهن.