بدين:چوري جي معاملي تان عورتن تي تشدد، پوليس به ڪيس داخل نه ڪيو،واهر جي اپيل

news

بدين(رپورٽ:تنوير آرائين) بدين جي وارڊ 5 سانگهاڻي پاڙي جي عورت مسمات حاجران لنڊ رت ڳاڙيندي پريس ڪلب بدين پهتي جنهن دوران هن دانهيندي  چيو ته پاڙي ۾ چوري واري معاملي تان بااثر محمد رحيم لنڊ، اسماعيل لنڊ ۽ ذوالفقار لنڊ وارن اسان جي گهر تي حملو ڪري خون ڪرڻ جي ارادي سان مون کي پسٽل جا بٽ هڻي زخمي ڪيو آهي گارگند ڪري جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن.

 هن اهو پڻ الزام هنيو ته جڏهن هو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ بدين ٿاڻي تي وئي ته ننڍي منشي محمد خان لنڊ هن کي داٻا ۽ دڙڪا ڏيئي ٿاڻي مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ڪيس داخل نه ڪيو.

 هن اهو به الزام هنيو ته جوابدار بااثر ڌر آهي جيڪي اسان کي وڌيڪ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن، هن ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته جوابدار ڌر خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.

بدين(ڊر)  نشي ۾ ڌت ٿي گهر ۾ داخل ٿيندڙ جوابدر گرفتار نه ٿيڻ خلاف پورهيت جو احتجاج

خبر موجب شهر جي پير ملوڪ شاه ڪوٽ  جي رهواسي پورهيت خداڏنو انصاري پنهنجي معصوم ڌي ڪشف فاطمه سان گڏجي پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪندي الزام هنيو ته نشي ۾ ڌت جوابدار لونگ ملاح حسن ملاح وارن منهنجي گهر ۾ گهڙي مون کي تشدد جو نشانو بڻايو گارگند ڪري جان کان مارڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون آهن پر جڏهن هي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي ويو پر پوليس ڪيس داخل نه ڪيو آهي هن مطالبو ڪيو ڪيس داخل ڪري جان ۽ مال جو تحفظ فراهم ڪيو وڃي