ٽوئٽر آمريڪي صدر کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو

news

واشنگٽن: (اربع 27 مئي 2020ع) سماجي رابطي جي مائيڪرو بلاگنگ ويب سائٽ ٽوئٽر آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مائيڪرو بلاگنگ سائٽ تي تمام گهڻو متحرڪ نظر اچي رهيو آهي ۽ اڪثر پنهنجي ٽوئٽ بيانن جي ذريعي پنهنجي مخالفن کي به تنقيد جو نشانو بنائيندو رهيو آهي پر هاڻ ٽوئٽر به آمريڪي صدر کي نشاني تي آڻي ڇڏيو آهي.

ٽوئٽر ڊاڪ ذريعي بيلٽس بابت آمريڪي صدر جي دعويٰ کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو آهي ته اڳ ۾ حقيقتون ڏسو پوءِ ٽرمپ جي ڳالهه کي مڃو. ڪوڙو چوڻ تي ڊونلڊ ٽرمپ به ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ ٽوئٽر تي آمريڪا جي صدارتي چونڊن دوران مداخلت جو الزام لڳائي ڇڏيو.

آمريڪي صدر چيو ته ٽوئٽر اظهار جي آزادي کي روڪي رهيو آهي  پر مان  بطور هڪ صدر جي حيثيت سان ائين ٿيڻ نه ڏيندس.