شهدادپور ۽ ڀرپاسي ماڪڙ جا ڪٽڪ، فصلن کي نقصان، آبادگارن پاران اپاءَ وٺڻ جو مطالبو

news

شهدادپور(سيفل عباس ساند)شھدادپور ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ماڪڙ جون ڪيتريون روھون پھچي ويون آهن ۽ فصلن تي خطرناڪ حملو ڪري کائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ماڪڙ جي ان حملي سبب آبادگار توڙي ھاري سخت پريشاني ۽ خوف ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.

آبادگارن ۽ ھارين پاران حڪومت طرفان اپاءَ نہ وٺڻ تي مايوس ٿي پنهنجي مدد پاڻ ڪندي ڊٻن ۽ مختلف شين سان وڏا آواز ڪري ماڪڙ کي ڀڄائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آھن.

آبادگارن ۽ ھارين مطالبو ڪيو آھي تہ فوري ماڪڙ ماري اسپري ڪرايو وڃي ٻي صورت سنڌ جي زراعت تباھ ٿي