محمد حفيظ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان پوءِ ريٽائرمينٽ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

news

لاهور: (اربع 27 مئي 2020ع)   قومي آل رائونڊر محمد حفيظ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان پوءِ ريٽائرمنٽ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته ميگا ايونٽ جي ايندڙ سال ملتوي ٿيڻ جي باوجود به منهنجو حدف برقرار رهندو.

محمد حفيظ موجب مان پنهنجو ڪيريئر پوري وقار ۽ احترام سان گڏ ختم ڪرڻ چاهيان ٿو. جنهن جي لاءِ مان پنهنجو پاڻ کي فٽ رکيو آهي. جڏهن ته هاڻ منهنجي ڪارڪردگي به بهتر رهي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن قومي ٽيم جي نمائندگي جي لاءِ سموريون ضرورتون پوريون ڪريون ها ته سليڪشن جي لاءِ لازمي طور تي دستياب هونداسين.

پاڻ ميگاايونٽ کي ايندڙ سال تائين ملتوي ڇو نه ڪيو وڃي. محمد حفيظ چيو ته منهنجي بالنگ ڪيريئر دوران مون کي تمام گهڻو سهارو مليو آهي ڇو ته بيٽنگ ۾ ناڪامي کان پوءِ بالنگ ۾ ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.

محمد حفيظ وڌيڪ چيو ته برائن لارا به هڪ دفعو اعتراف ڪيو هو ته هو منهنجي بالنگ دوران ڪافي پريشان ٿيندو آهي جنهن کي مون پنهنجي ڪيريئر دوران آئوٽ ڪرڻ جو اعزاز به حاصل ڪيو آهي.