نيويارڪ ٽائمز ڪورونا جي خلاف مودي سرڪار جي پاليسين جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

news

واشنگٽن: (اربع 27 مئي 2020ع) نيويارڪ ٽائمز ڪورونا جي خلاف مودي سرڪار جي پاليسين جا پول پڌرا ڪندي چيو آهي ته سخت لاڪ ڊائون جي باوجود ڀارت ۾ ڪورونا جا ڪيس ۽ فوتين جي انگ ۾ واڌ ٿي رهي آهي.

نيويارڪ ٽائمز طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي عوام حڪومت مٿان پنهنجو اعتماد وڃائڻ لڳي آهي. سخت لاڪ ڊائون جي باوجود ڀارت ۾ ڪورونا ڪيسن ۽ فوتگين ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ ڀارت جي مقابلي ۾ ڪيس گهٽ آهن. ڏکڻ ايشيا ۾ لاڪ ڊائون ئي ناهي پر ٻيا معاملا به اهم هئا جنهن کي مودي حڪومت نظر انداز ڪيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سوال اهو آهي ته جيڪڏهن مودي حڪومت سخت قدم کنيا ته پوءِ اهڙِ صورتحال ڇو آهي.؟ جڏهن ته فوتين جي انگ مان ائين لڳي رهيو آهي ته ائين ٿيو ئي ناهي.

ڀارت ۾ 60 سيڪڙو ڪيس صرف ممبئي، دهلي، احمد آباد، چنائي ۽ پوني ۾ آهن. ممبئي ۾ سڀني کان وڌيڪ 20 سيڪڙو ڪورونا جا ڪيس سامهون آيا جڏهن ته مودي جي اباڻي علائقي گجرات ۾ به اهڙي ئي صورتحال آهي. نيويارڪ ٽائمز پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته هندوستاني مالياتي گادي واري شهر ممبئي ۽ چنائي پنهنجا ڪيترائي صحت جا وسيلا وڃائي ويٺا آهن.

مودي جي پاليسين ماڻهن کي بک ۽ مفلسي سبب ماري ڇڏيو آهي. ڪيترائي غريب ماڻهو هن پاليسي جو شڪار ٿيا جنهن مان ثابت ٿيو آهي ته مودي جو هندستان صرف اميرن جي لاءِ آهي. اڄ ذات سسٽم سان واضح ٿي ويو آهي ته ڪهڙي طرح اقليتن کي وبا ۾ بي يارو مددگار ڇڏيو ويو آهي.

نيويارڪ ٽائمز رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو آهي ته لداخ تي چين جي هٿان تذليل کان پوءِ مودي جي ڪورونا پاليسي به ناڪامي جو شڪار ٿي وئي. ايل او سي ۽ ٻين معاملن تي به ڪارروائي هن جي اندروني ناڪامي کي لڪائڻ جي لاءِ هئي. جڏهن ته ڊي جي آءِ ايس پي آر ان جو هر ڀيري ذڪر ڪندو رهيو آهي.