ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ شڪست کي منهن ڏيڻو پوندو: سيد علي گيلاني

news

سرينگر: (اربع 27 مئي 2020ع) والاريل ڪشمير ۾ ڪُل جماعتي حريت ڪانفرنس جي چيئرمين سيد علي گيلاني چيو آهي ته ڀارت کي شڪست کي منهن ڏيڻو پوندو ڇو ته ظالم کي هڪ ڏينهن پنهنجي ظلمن جو حساب ڏيڻو پوندو.

هن هڪ دفعو ٻيهر ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته هو پنهنجون ملڪيتون غير ڪشميرين کي وڪرو نه ڪن. واپار، تعليم ۽ ترقي جي نالي تي جمون ۽ ڪشمير جي مسلم اڪٿريتي آبادي کي تبديل ڪرڻ جي ڀارتي ارادن کي ناڪام بنائينداسين.

ڪشمير ميڊيا  سروس موجب سيد علي گيلاني ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ڪشميري خاص طور تي هن ڳالهه جو خيال رکن ته هو غير ڪشميرين کي ڪرائيدار جي طور تي قبول نه ڪن.

هن وڌيڪ چيوته والاريل ڪشمير جي مسلم اڪٿريتي آبادي  ڀارتي پروپيگنڊا کي ناڪام بنائڻ جي لاءِ پنهنجي مائٽن، دوستن ۽ ساٿين کي به قائل ڪن ته هو واپار، تعليم ۽ ترقي جي نالي تي به پنهنجي ملڪيت ٻاهرين ماڻهن کي وڪرو نه ڪن.

هن وڌيڪ چيو ته ڀارت وٽ جديد هٿيار هجڻ جي باوجود کيس ڪشمير ۾ شڪست کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ سوڀ ڪشميرين جي ٿيندي.