ملير: عثمان ملاح جا قاتل گرفتار نه ٿيا ته سموري سنڌ ۾ احتجاج ڪنداسين، سول سوسائٽي ۽ سياسي تنظيمن جو چتاءُ

news

ملير(رپورٽ:نبي بخش خاصخيلي)ملير ڀرسان سمون ڳوٺ ۾ پٺاڻن پاران بيدردي سان مارجي ويل عثمان ملاح جا قاتل پنج ڏيھن گذرڻ باوجود گرفتار نہ ٿي سگھيا، مقتول جي وارثن سان سياسي سماجي، اديب، سول سوسائٽي ۽ صحافين امير بھر جي چيئرمين علي مير ملاح، قومي عوامي تحريڪ ملير ضلع صدر ڪاشف خاصخيلي، بلاول ٻرڙو، سماجي اڳواڻ رياض کيمٽيو، جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ آڪاش کٽي، گڏاپ نيشنل پريس ڪلب جي صحافين نبي بخش خاصخيلي، اعجاز چانڊيو، غوث ٻگھيو ۽ ٻين تڏي تي پھچي مقتول جي وارثن سان تعزيت ڪئي.

 ان موقعي تي تڏي تي آيل سياسي سماجي اڳواڻن صحافين سان ڳالھائيندي چيو تہ عيد کان ھڪ ڏيھن پھرين بي دردي سان قتل ٿيل عثمان ملاح ۽ زخمي ڀائرن جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس مک جوابدار خليل ۽ شاهجهان کي گرفتار نہ ڪري سگھي آھي، جيڪا پوليس جي نااھلي جو چٽو ثبوت آھي.

هنن چيو ته اسان جي مقتول جي وارثن سان هر ممڪن مدد رھندي، افسوس آھي انھن چونڊيل نمائندن تي جيڪي سڏ پنڌ تي ھوندي بہ مقتول جي وارثن سان تعزيت ۽ ڏک ونڊڻ لاءِ به تڏي تي ناھن پھتا.

 مقتول جي ڀائرن اڪبر ملاح، حبيب ملاح، حسن ملاح ٻڌايو تہ ملير ندي لڳ حاجي عيسي باغيچي مان اسان جي 14 ورهين جي وسيم ملاح کي پٺاڻن پاران مارڪٽ ڪرڻ جي اطلاع تي پهتاسون ته ڄاڻايل پٺاڻن اسان مٿان ڇٿي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ اسان جو ڀاءُ عثمان ملاح مارجي ويو ۽ ڪيترا ماڻھو زخمي ٿي پيا، جڏھن تہ تشدد جو نشانو ٿيندڙ وسيم ملاح پنج ڏيھن گذرڻ باوجود اڃان تائين بيھوش پيل آھي، سياسي سماجي اڳواڻن حڪومت سنڌ، آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ، ايس ايس پي ملير کان مطالبو ڪيو تہ ھڪ ھفتي تائين مقتول جا جوابدار گرفتار نه ٿيا تہ پوري سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.