اڏيرولال: پوليس جو نوجوان تي وحشياڻو تشدد، ڳوٺاڻن جو احتجاج

news

اڏيرولال اسٽيشن(رپورٽ: حافظ امتياز چنو)اوڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ غازي خان ساهووال جي رهواسي سرفراز عرف ڀورو ساهووال کي اوڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي جو ايس ايڇ او منظور لکي بنا جواز گرفتار ڪري مٿس وحشياڻو تشدد ڪري کيس ٿاڻي اندر هٿڪڙيون هڻي 2 ڪلاڪ ٽنگي سخت تشدد ڪري انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي پوليس گردي جو ثبوت ڏنو آهي. 

اهڙي عمل خلاف مقامي ڳوٺاڻن سڪندر ساهووال، حاجي سڌير ساهووال، غلام مصطفيٰ ٽڪري، لکاڏنو ساهووال، عاطف ساهووال ۽ ٻين تشدد جو شڪار بڻيل سرفراز عرف ڀورو ساهووال کي ساڻ ڪري پريس ڪلب اوڏيرولال اسٽيشن اڳيان ايس ايڇ او منظور لکي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

 ان موقعي تي تشدد جو شڪار بڻيل سرفراز عرف ڀورو ساهووال صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس مون کي ان وقت صالح شاهه جي موري وٽان سوگهو ڪيو، جڏهن آئون کير وڪرو ڪرڻ لاءِ شهر ڏانهن اچي رهيو هيس ته ايس ايڇ او منظور لکي مونکي سوگهو ڪري منهنجو کير به واهه ۾ هاري ڇڏيو ۽ منهنجي کيسي ۾ پيل 46 هزار 700 رپيا به ڦري مونکي موبائيل ۾ وجهي کڻي ٿاڻي تي آيو ۽ مون کي چيو ته تون گٽڪا ٿو کپائين، وليد لاکو ۽ غلام مصطفيٰ جسڪاڻي خلاف بيان ڏي ته توکي ڇڏي ڏينداسون، جنهن تي مون کيس جواب ڏنو ته آئون گٽڪا نٿو کپايان ته عزتدار ماڻهن مٿان ڪيئن غلط بيان ڏيان، جنهن کانپوءِ ايس ايڇ او منظور لکي آپي مان نڪري مون مٿان وحشياڻو تشدد ڪري ٻن ڪلاڪن تائين ٿاڻي جي دري ۾ ٽنگي ڇڏيو.

 ايتري ۾ منهنجا عزيز ٿاڻي تي پهچي ايس ايڇ او منظور لکي کي قرآن تي ساک ڏني ته اسان جو ڇوڪرو گٽڪا نٿو کپائي پر ان باوجود اوهان ڪيئن بنا جواز معصوم تي وحشياڻو تشدد ڪيو آهي.

 ان موقعي تي مظاهرين ايس ايڇ او اوڏيرولال اسٽيشن منظور لکي خلاف سخت نعريبازي ڪندي آءِ جي سنڌ، آر پي او حيدرآباد، ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي مٽياري کان مطالبو ڪيو آهي ته گٽڪا فروشن جي ساٿاري ايس ايڇ او منظور لکي کي فوري طور تي معطل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.