شياومي فور جي موبائيل فون ٺاهڻ بند ڪري ڇڏيا

news

بيجنگ:(اربع 27 مئي 2020ع) چين جي مشهور ٽيڪنالاجي ڪمپني شياومي اعلان ڪيو آهي ته ڪمپني 2020 جي آخر تائين 4 جي اسمارٽ فون ٺاهڻ بند ڪري ڇڏيندي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب شياومي گذريل ڪيترن ئي مهينن کان 5 جي اسمارٽ فونز ٺاهي رهي آهي ۽ هاڻ ان جي ڪري هنن 4 جي موبائل فون ٺاهڻ بند ڪرڻ جو به اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته هاڻ ڪمپني مڪمل طور تي 5 جي ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪرڻ چاهي ٿي.

ان حوالي سان شياومي جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر لي جن جو چوڻ آهي ته 5 جي ٽيڪنالاجي جي صنعت ۾ نمايان انقلاب آڻيندي پر ڪورونا وائرس سبب ڪمپني جي 5 جي اسٽريٽجي اثر انداز ٿي آهي. ياد رهي ته گذريل سال چين مان سڄي دنيا ۾ پکڙجندڙ خطرناڪ ڪورونا وائرس جتي سڄي دنيا جي سموري نظام کي ٺپ ڪري رکيو هو ته اتي ئي وائرس سبب ٽيڪنالاجي جي صنعتن کي به تمام گهڻو نقصان پهتو آهي.

عالمي وبا کي نظر ۾ رکندي ڪيترين ئي ٽيڪنالاجي ڪمپنين  پنهنجون پنهنجون آفيسون ۽ فيڪٽريون بند ڪري ڇڏيون هيون پر هاڻ احتياطي تدبيرون ڪندي ڪيترين ئي ڪمپنين  پنهنجون سرگرميون بحال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن.