دنيا ۾ موذي وائرس جا وار جاري، فوت ٿي ويلن جو انگ ٽي لک ٻاونجاهه هزار ٻه سئو ستاويهه ٿي ويو

news

واشنگٽن: (اربع 27 مئي 2020ع) سڄي دنيا ۾ موذي وائرس جا وار جاري آهن. فوت ٿي ويلن جو انگ 3 لک 52 هزار 227 ٿي ويو آهي. آمريڪا ۾ فوت ٿي ويلن جو انگ هڪ لک 572 ٿي وئي آهي.

سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويلن جي انگ ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.  صدر ٽرمپ وائٽ هائوس ۾ بريفنگ ڏيندي چيو ته مان پنهنجي حڪمت عملي سان ڪيتريون ئي حياتيون بچايون آهن. آمريڪي صدر گورنر تي به زور ڏنو آهي ته مان پابندين کي هاڻ نرم ڪندس ته جيئن زندگي جو ڪارونهوار هلي سگهي. جيڪڏهن گورنر منهنجي ڳالهه نه مڃي ته مان خصوصي اختيار استعمال ڪندي حڪم جاري ڪندس.

ياد رهي ته آمريڪا ۾ وڌيڪ 774 فوتگين کان پوءِ انگ هڪ لک کان مٿي ٿي ويو آهي. هانگ ڪانگ ۾ اسڪول کلڻ شروع ٿي ويا. جنوري کان پوءِ پهريون ڀيرو ڪلاسز جي شروعات ٿي وئي. ڏکڻ ڪوريا ۾ وڌيڪ اسڪول کوليا ويا آهن. ڏکڻ آفريڪا ۾ لاڪ ڊائون تحت لاڳو پابندين ۾ پهرين جون کان نرمي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

برازيل ۾ وڌيڪ هڪ هزار 27، اسپين 280، روس 174 ۽ برطانيه ۾ 134 فوتگيون ٿيون. ڀارت ۾ 172 ۽ ايران ۾ وڌيڪ 57 ڄڻا فوت ٿي ويا.