جهاز حادثي جي جاچ تي عوام سوال پڇي رهي آهي پر وزيراعظم گم آهي: مريم اورنگزيب

news

لاهور: (اربع 27 مئي 2020ع)  پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته جهاز حادثي جي جاچ تي عوام سوال پڇي رهي آهي پر وزيراعظم گم آهي.

مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر ڏيڻ جو واعدو ڪندڙ وزيراعظم گم آهي. مريم اورنگزيب پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ڪورونا مريضن جون فوتگيون وڌنديون پيون وڃن پر حڪومت جي ڪابه حڪمت عملي نظر نه پئي اچي.

بي آر ٽي منصوبي جي حوالي سان مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته بي آر ٽي جا 126 ارب روپين جا کڏا کوٽيا ويا جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي احتساب ڪميشن کي 7 سالن کان تالو لڳل آهي.

هوڏانهن مريم اورنگزيب جي بيان تي وزيراعظم جي خاص معاون شهباز گل پنهنجو رد عمل ڏيندي چيو آهي ته(ن) ليگي قيادت ملڪ جي دولت کي لٽي  لنڊن ۾ جيڪا ملڪيت ٺاهي آهي ان جي واپسي جو اشتهار ڏئي. شهباز گل چيو آهي ته شوبازي ۽ ڊگها بوٽ پائي عوام کي گمراهه ڪرڻ جا ڏينهن گذري ويا اوهان جي سياست جو مقصد عوام جي دولت ڦرڻ ۽ پنهنجا کيسا ڀرڻ هو.