سنڌ اسيمبلي جا وڌيڪ ٻه ميمبر ڪورونا وائرس جو شڪار

news

ڪراچي: (خميس 28 مئي 2020ع) ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جو انگ تيزي سان وڌڻ لڳو جنهن کان پوءِ وڌيڪ 2 اسيمبلي ميمبرن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي جنهن تي انهن پاڻ کي گهر ۾ آئيسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيندڙ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جو انگ 8 ٿي ويو آهي. جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ پيپلز پارٽي جو ڊاڪٽر سهراب سرڪي ۽ لياقت آسڪاڻي به ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيا آهن.

صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ ڪورونا سبب مقامي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. صوبي ۾ هنيئر تائين 8 مان 3 سنڌ اسيمبلي جا ميمبر ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿي چڪا آهن.