موهين جي دڙي جو ساکي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال

news

سنڌي ادب اڃان اهو اوج ماڻي نه سگهيو آهي جهڙي سطح تي اڄڪلهه يورپ ۽ آمريڪا جو ادب بيٺل آهي، انهيءَ جا کوڙ سارا سبب تاريخي طور سمجهي سگهجن ٿا هڪ ته يورپ ۽ آمريڪا جو ادب تاريخي طور تسلسل هيٺ رهيو آهي جيڪو صدين تي مشتمل آهي، جڏهن ته سنڌي ادب جنگين ۾ تباهه برباد ٿيندو رهيو آهي، صدين جي قومي محبت ضايع ٿي ويئي، موجوده سنڌي ادب کي ڏيڍ صدي کن مس ٿي آهي، ادب جي مختلف صنفن جي پورائي لاءِ سنڌ جا ماڻهو پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري ٻولي کي سگهارو بنائي رهيا آهن، سنڌي ٻولي جي جهول ۾ لڳاتار ڪي هيرا ته ڪي ڪوڏيون، موتي ۽ پٿر گڏ ٿي رهيا آهن، اهو ايندڙ وقت جو جوهري ئي انهن کي پرکيندو ته ادب جي جهول ۾ ڪيترا قيمتي هيرا ۽ ڪيترا موتي آهن ۽ ڪيترائي قيمتي پٿر يا غيرضروري آهن، سنڌي ادب به تيزي سان اڀري رهيو آهي، اڄ تائين سنڌي شاعري، ڪهاڻي، ناول، تاريخ، آرڪيالاجي،  سنڌي ادب کي عالمي ٻولين ۾ ترجمي واري اهم ڪم کي غير اهم ۽ غير ضروري سمجهندي سرڪاري طور تي انهي جي سرپرستي نه ڪئي ويئي آهي، جيڪڏهن انهي ٽڙيل پکڙيل ڪم جي سهيڙ اڄ کان شروع ڪجي ته انهي کي مڪمل ڪرڻ ۾ به صدي لڳي ويندي، سنڌي ادب، ٻولي ۽ ڌرتي سان بي حد پيار ڪرڻ وارن ۽ ادب جو اهڙو درد رکندڙ وارن ماڻهن مان هڪ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال به آهي، اهڙا گهٽ ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي ذات کان نڪري قومي ڪمن، ادبي شعور پکيڙڻ لاءِ رات ڏينهن پاڻ پتوڙين ٿا ۽ اديبن کي گڏ ڪري بلند معيار جي ادب لاءِ ترغيب ڏين ٿا، سنڌ، ملڪي ۽ عالمي سطح تي پنهنجي ٻولي ۽ ادب جي واڌاري لاءِ ڪم ڪن، مون ذاتي طور تي هن شخص کي سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ پاڻ پتوڙيندي ڏٺو آهي.

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاڙڪاڻي جي انهي زرخيز ۽ مردم شناس مٽي مان جنم ورتو جتي سنڌ جي عظمت جو اهڃاڻ موهين جو دڙو آهي، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال به انهي موهين جي مٽي جو ٺهيل آهي جيڪو سنڌ جو ساکي آهي، رکوال، سپاهي، سچو سنڌ ڄائو آهي، سچ ته هي به موهين جي دڙي جي هڪ مهر آهي، جيڪا سنڌي ادب جي عظمت جو اهڃاڻ رهندي، هن جي ٻين خدمتن جو به ذڪر ٿيندو پر هن جو اهم ڪارنامو اهو آهي ته هن عالمي قومي ٻولين جي ڏهاڙي تي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ سنڌ جي وستين، واهڻن، ڳوٺن، شهرن ۾ ريليون ۽ جلسا منعقد ڪرائي سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليءِ جو درجو ڏيارڻ لاءِ وڏو ڪم ڪيو ۽ سندس آواز جو پڙاڏو اسيمبلين تائين پهتو ۽ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جي حيثيت ڏيارڻ لاءِ اڃان اهو هڪ بل جي صورت ۾ موجود آهي.

ذوالفقار سيال جي 80ع واري ڏهاڪي کان سڃاڻپ ٻاراڻي ادب کان شروع ٿئي ٿي ته پوءِ اها وڌندي ادبي تحقيق، ادبي رسالا جاري ڪرڻ، شاعري، ڪالم نگاري، نثر نگاري کان ادب جي هر شعبي ۾ ايمانداري سان طبع آزمائي ڪئي، اها هن جي خوشقسمتي يا خوشنصيبي آهي ته هن جيڪو به لکيو، سو شاندار ۽ شاهڪار آهي، سنڌي اردو جو اهڙو ڪو به گلوڪار نه آهي، جنهن سندس شاعري نه ڳائي هجي ۽ انهي کي عوامي پذيرائي نه ملي هجي، هي انهن ڀاڳوندن مان آهي جنهن جڏهن به مٽيءَ ۾ هٿ وڌو هجي ۽ انهي کي سون نه بڻايو هجي، اها هن ۾ ڏات به آهي ته ڏانءُ به يا اهو بلند پايه شعور جي هيئت آهي، جيڪا عام انسانن کان مٿانهين آهي، هي سوڀي گيانچنداڻي جو پاڙيسري رهيو آهي، انهي ڪري هن ۾ به سوڀي گيانچنداڻي واريون اڻ ڳڻتيون خوبيون موجود  آهن، جهڙي سوڀي کي سنڌ سان محبت هئي هن جي به پنهنجي ڌرتي ماتا سان محبت ڪجهه ماسا اڃان به سرس هوندي، هن ۾ ادبي تحقيق واري خواهش ساڳي سندس پاڙيسري ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ واري آهي، جرعت ۽ بهادري مرتضيٰ ڀٽو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو واري آهي، پر اصل ڳالهه اها آهي ته هي ڪڏهن به سياسي ماڻهو نه رهيو آهي ۽ نه سياست هن جي روح جو ڪو حصو آهي، ڀلي سندس خاندان سياسي ميدان جا راهي هجن پر هي نج ادبي ماڻهو آهي. 

ادب ۽ سياست جون تقاضائون بنهه الڳ الڳ هونديون آهن، اها ڳالهه آهي ته هي سنڌ جو سچو سپوت سنڌ ۽ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي عوام جي مفادن لاءِ بشير خان قريشي سان به گڏ هليو هوندو ته ڪٿي هن جو ڀرجهلو ۽ محافظ به بڻيو هوندو، ڇو ته سندس ڇاتي به سنڌ جيتري وسيح آهي، هي سوچي ۽ ڳالهائي ٿو ته فقط سنڌ لاءِ، سنڌ جي جاگرافيائي حدن لاءِ، سنڌ جي عوام جي مفاد لاءِ، هن جون شاعراڻيون خوبيون پنهنجي جاءِ تي اهميت رکن ٿيون پر هن جي سڄي عمر جو ڪم هڪ پاسي رکجي ۽ سنڌ سان عشق هڪ پاسي رکجي ته آئون سمجهان ٿو ته هن جي سٺي قلمي پورهئي تي سنڌ جي عشق کي هاوي سمجهان ٿو.

ذوالفقار سيال جتي علم عروض جو ماهر شاعر آهي اتي هي موسيقي جو به ماهر آهي، اها ڏاڍي سرهائي واري ڳالهه آهي ته هن جي شاعري جو وڏو حصو موسيقي سان لبريز آهي، هن شاعري جي مڙني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، هن شاعري جا سڀ ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ به چئي نه ٿو سگهجي ته هن ڪهڙي شاعراڻي صنف سان گهٽ نڀاءُ ڪيو آهي يا ڪنهن سان وڌيڪ، انهي صنف تي عبور حاصل نه هجي، مجموعي طور شاعري جي مڙني صنفن سان بهتر نڀاءُ ڪيو اٿس.

هن جو شاعري توڙي نثر ۾ الڳ اسلوب آهي، جيڪا سندس شاعري توڙي نثر جي سڃاڻپ ۾ سڀني کان الڳ ڪري بيهاري ٿي.

هن جي گهڻي ادبي ڪم ڪرڻ باوجود سندس سڃاڻپ هڪ شاعر واري آهي، سندس عزت مان ۽ شان وڌائڻ جو هڪ اهم سبب سنڌي ادبي سنگت جو ٽي ڀيرا مرڪزي سيڪريٽري جنرل رهڻ آهي، هن جو دور سنڌي ادبي سنگت جو سونهري دور ليکيو وڃي ٿو، انهي ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۾ سڀ سيڪريٽري جنرل پنهنجي پنهنجي حيثيت ۾ پاڻ نڀايو آهي، انهي جي باوجود هن ادبي سنگت جي عاشق جو ڪم سڀني کان منفرد  ۽ نرالو رهيو آهي، انهي ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سنڌي ادبي سنگت سنڌ مرڪز يا شاخن کي ڪٿان به ڪا فنڊنگ نه ٿيندي آهي، جيترو وڏو ۽ ناميارو ادارو آهي، اوترو غريب ترين ادارو آهي، جنهن جو هر ڪم  پروگرام مرڪزي سيڪريٽري جنرل يا شاخن جا سيڪريٽري پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪندا آهن.

هن پنهنجي سيڪريٽري جنرل واري دور ۾ نهايت اهم  ڪارائتا ڪم ڪيا هئا جنهن جي سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ گواهه آهي، مڇي ماني واري گهراڻي سان تعلق رکندڙ هن شخصيت جي ذريع معاش طب جو پيشو بڻيو، هي سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ضلعن ۾ عوام جي صحت لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو، نيٺ سول اسپتال ڪراچي مان ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ جي 20 گريڊ جي پوسٽ سان رٽائرڊ ٿيو، اها گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته طب جي ڊاڪٽر هئڻ سان گڏوگڏ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي به ڪئي آهي، طب جي ڊاڪٽر سان گڏوگڏ سنڌي ادب جو اسڪالر به آهي، اڄ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شخصيت، فن ۽ فڪر تي لکڻ لاءِ هي اسپيس تمام گهٽ آهي، مستقبل ۾ يقينن سندس شخصيت، فن، فڪر تي پي ايڇ ڊيز ٿينديون، اڄ 28 مئي تي سندس جنم ڏينهن آهي، اسين کيس سالگرهه جي مبارڪ ڏيڻ سان گڏوگڏ اها اميد ٿا ڪريون ته هو پنهنجي ٻولي ۽ ادب لاءِ اڃان به وڌيڪ ڪم جاري رکندو.

(نعيم ملڪ)